ڊاڪٽر حيدر سنڌي

ڊاڪٽر حيدر سنڌي

حيدر سنڌي ڊاڪٽر

حيدر سنڌي، ڊاڪٽر: اديب، محقق ۽ تعليمدان ڊاڪٽر حيدر سنڌي جو اصل نالو غلام حيدر ولد حاجي علي مراد ٻرڙو آهي. هن 5 آڪٽوبر 1939ع تي ڳوٺ مبارڪ ٻرڙي، تعلقي موري، ضلعي نوشھري فيروز ۾ جنم ورتو. بي.اي سچل سرمست ڪاليج نواب شاهه مان پاس ڪري 1969ع ۾ ڊي. سي هاءِ اسڪول نواب شاهه ۾ استاد مقرر ٿيو. ان کانپوءِ سي. ٽي، بي. ايڊ ۽ ايم. اي جا امتحان پاس ڪيا. 1980ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ”پاڪستان جي صوبائي ۽ علائقائي زبانن ۾ سنڌيءَ جي علمي ادبي ۽ لساني حيثيت“ جي موضوع تي پي ايڇ. ڊي ڪئي. 1974ع ۾ پاڪستان اسٽڊي سينٽر، قائداعظم يونيورسٽي، اسلام آباد ۾ ليڪچرر مقرر ٿيو. ان کان پوءِ ساڳئي اداري ۾ اسسٽنٽ پروفيسر، ائسوسيئيٽ پروفيسر ۽ پروفيسر جي عھدي تي فائز رهيو. 1992ع کان 2007ع تائين ساڳئي اداري ۾ ڊائريڪٽر طور خدمتون انجام ڏنيون. 14 آڪٽوبر 1999ع تي پروفيسر جي عھدي تان رٽائرڊ ٿيو. پاڻ سنڌي ادبي سنگت، سنڌ سجاڳ سنگت، مورو ۽ ٻين ادبي تنظيمن سان وابسته رهيو. ان کانسواءِ صحافت سان پڻ لاڳاپيل رهيو. سندس سرواڻيءَ ۾ ’پرڀات‘، ’ڦلواڙي‘ ۽ ’وطن‘ اخبارون جاري ٿيون. هن ڪيترائي تحقيقي مضمون ۽ مقالا لکيا. سندس هڪ ڪتاب ’ٻولين جا سر چشما‘ 1985ع ڇپيو. ان کان سواءِ مشرقي ٻولين جي ماهر ڊاڪٽر اينيمري شمل جي هڪ انگريزي ڪتاب جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو، جيڪو ’سنڌي ادب جي ارتقا‘ جي نالي سان 1981ع ۾ ڇپيو. سندس ٻين ڇپيل ڪتابن ۾: ’ديسي پرديسي گل‘ (ترتيب: 1974ع)، ’ملڪي غير ملڪي ڪھاڻيون‘ (1976ع)، ’سنڌ جون چند ذاتيون‘ (1985ع)، ’سنڌي نصاب‘ (1986ع)، ’سنڌي زبان و ادب ڪا تعارف‘ (اردو: 1990ع)، ’آمريڪا جا رنگ‘ (1993ع)، ’همارا لساني و ادبي ورثه‘ (اردو: 1996ع)، ’سنڌي زبان و ادب ڪي تاريخ‘ (اردو: ٻيو ڇاپو 1999ع)، ’پاڪستان ڪا لساني جُغرافيه‘ (اردو: 2005ع)، ’سنڌي ادب جي تاريخ‘ (2005ع)، ’حيات قلندر‘ (2006ع)، ’سنڌ ڪي صوفي شعراءَ حيات اور شاعري‘ (اردو:2013ع)، ’Transition to Democracry in Pakistan‘ (انگريزي: 2005ع)، ’Honor Killing: Status of Women in Pakistan‘ (انگريزي: 2007ع)، ’Language, Literature and Culture of Paksitan‘ (انگريزي: 2007ع) ۽ ’Sir Abdullah Haroon: A Legend of Sind‘ (انگريزي: 2008ع) ۽ ٻيا شامل آهن. کيس ادبي خدمتن تي سنڌالاجي طرفان اوارڊ ۽ تحقيقي ڪم تي شيخ اياز اوارڊ مليا. هن 18 آگسٽ 2023ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1939.10.05  عيسوي

اديب، محقق ۽ تعليمدان ڊاڪٽر حيدر سنڌي جو اصل نالو غلام حيدر ولد حاجي علي مراد ٻرڙو آهي. هن 5 آڪٽوبر 1939ع تي ڳوٺ مبارڪ ٻرڙي، تعلقي موري، ضلعي نوشھري فيروز ۾ جنم ورتو.


2023.08.08  عيسوي

ڊاڪٽر حيدر سنڌي 8 آگسٽ 2023ع تي وفات ڪئي.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بهاري لعل ڇاٻڙيا 2
ديوان ننديرام
شمشاد احمد سومرو
شيرين فيروز نانا
صديقي محمد علي ڊاڪٽر
ابراهيم لاشاري پروفيسر
مختيار سمو
رزاق سروهي
اسرار شام
جئسنگهاڻي شيام
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون